چنا صاحب خان

چنا، صاحب خان: صاحب خان ولد ڪريم بخش چنا، پهرين آگسٽ 1941ع تي تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ الهيار آگاڻي ۾ ڄائو. هي ڳوٺ پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ٻوڏن ۾ پائجي ويو. هن پرائمري تعليم پاروءَ جي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي، جڏهن ته انگريزيءَ جا ٽي درجا مڊل اسڪول ڪيهر؛ مڊل تائين گورنمينٽ اسڪول محبوب وڳڻ مان ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1959ع ۾ پڙهيو. گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي. اي ڪري 1964ع ۾ سياسيات جي مضمون ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪيائين، ساڳئي سال ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل. ايل. بي ڪري 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس مقالي جو عنوان ”سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ جي تحريڪ 1847ع کان 1936ع“ هو. 1992ع ۾ ارڪنسال اسٽيٽ يونيورسٽيءَ آمريڪا مان سياسيات ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. اتي سندس مقالي جو عنوان ”پاڪستان ۾ فيڊرلزم (وفاقيت) جي ڪارڪردگي 1947ع کان 1990ع“ هو. صاحب خان چني 1965ع ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيو، 1966ع ۾ کيس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ ليڪچرر مقرر ڪيو ويو.1987ع ۾ 18 گريڊ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ 1991ع جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي پروفيسر ۽ پوءِ سينيئر پروفيسر مقرر ٿيو. ڪيترن ئي ڪاليجن ۾ پرنسپال رهيو، جن ۾ حاجي عبدالله هارون ڪاليج ڪراچي، اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج سکر، پوسٽ گريجوئيٽ اسٽڊي سينٽر سکر، گورنمينٽ ڪامرس ۽ اڪنامڪس ڪاليج ڪراچي وغيره شامل آهن. 1980ع کان 1981ع تائين سنڌ سرڪار جي آرڪيالاجي کاتي ۾ ڊائريڪٽر رهيو. هن انهيءَ عرصي دوران سنڌ جي تاريخي ثقافتي ورثي لاءِ ڪافي ڪم ڪيو، ان کانسواءِ مختلف وقتن تي ايڊيشنل سيڪريٽري ايجوڪيشن سنڌ پرائمري ايجوڪيشن ڊولپمينٽ پروگرام جو پروگرام ڊائريڪٽر لياقت ميموريل لائبريري ڪراچي جو ڊائريڪٽر ۽ مئي 1995ع کان جون 1998ع تائين، چيئرمئن بورڊ آف انٽرميڊئيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد رهيو. ڪيترن ئي ادارن جي سينيٽ بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو. صاحب خان چنا، سنڌ جي ثقافت ادب، تاريخ ۽ اقتصادي حالتن بابت وقت به وقت انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکندو رهيو آهي، سندس تحقيقي مضمون ۽ مقالا به شايع ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.08.01  عيسوي

صاحب خان ولد ڪريم بخش چنا، پهرين آگسٽ 1941ع تي تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ الهيار آگاڻي ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شفيع محمد شاهه
شيخ فيض الله
سنڌ ابن علي
شازيه عطا مري
انور فگار هڪڙو
سيد نظر حسين شاه نقوي
ڄامڙو مريد علي ( راڳي)
شبيران چنا
پاٽينجر هينري
اخلاق انصاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون